راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج ۽ خوارج وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل سميت 6 جوان شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي سپنوام ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ خوارج وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 خوارج مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب خوارج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت سميت 6 جوان شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب 4 کان 5 آڪٽوبر تائين خوارج خلاف آپريشن ڪيو ويو ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت خوارج خلاف آپريشن جي قيادت ڪري رهيو هو.آءِ ايس پي آر موجب شهيد ٿيندڙ ٻين 5 جوانن ۾ لانس نائيڪ محمد الله، لانس نائيڪ اختر زمان، لانس نائيڪ شاهد الله، لانس نائيڪ يوسف علي ۽ سپاهي جميل احمد شامل آهن.آءِ ايس پي آر موجب شهيد ٿيل 43 ورهين جي ليفٽيننٽ ڪرنل جو تعلق فيصل آباد سان آهي، جڏهن ته ٻين 5 جوانن جو تعلق خيبر، لڪي مروت، ٽئنڪ، اورڪزئي ۽ سوات سان آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، اسان جي بهادر سپاهين جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.










