اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ملائيشيا جو وزيراعظم داتو سري انور ابراهيم پنهنجو 3 ڏينهن جو پاڪستان جو دورو مڪمل ڪري ملائيشيا روانو ٿي ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ڪامرس واري وزير ڄام ڪمال خان ملائيشين وزيراعظم ۽ انهي جي وفد کي نور خان ايئربيس تي الوداع ڪيو.ملائيشين وزيراعظم انور ابراهيم دوري جي دوران پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جتي ان جو شاندار استقبال ڪيو ويو. شهباز شريف ۽ انور ابراهيم پاڪستان، ملائيشيا، بزنس فورم ۾ به شرڪت ڪئي. ملائيشيا جي وزيراعظم کي صدر پاڪستان طرفان نشان پاڪستان سان به نوازيو ويو.انهي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ پراڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. ملائيشيا جي وزيراعظم سان پاڪ ملائيشيا لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي تي اتفاق ٿيو، انور ابراهيم مشهور شاعر علامه اقبال جو مداح آهي جيڪا پاڪستان جي لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي.شهباز شريف چيو ته ملائيشين وزيراعظم داتو سري انور ابراهيم جي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت لاءِ سٺن لفظن ۽ نيڪ خواهشن جا دل جي گهرائين سان ٿورائتا آهيون. پاڪ ملائيشيا بزنس فورم ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ تي اڳڀرائي ٿي آهي. پاڪ ملائيشيا واپار جي هٿي سان ملڪي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.هن چيو ته ملائيشين وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري سان پاڪ ملائيشيا لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ٿي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ مفاهمتي ياداشتن ۽ معاهدن جي ڏي وٺ ٿي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان ملائيشيا کي پراسيسڊ گوشت ۽ چانورن جي برآمدات ۾ اضافي ۽ طريقيڪار کي بهتر بنايو ويندو. انور ابراهيم جي پاڪستان جي دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري ۽ واپار ۾ اضافي تي اتفاق ٿيو آهي.










