اليڪشن ڪميشن اسان کي ڀت سان لڳائي ڇڏيو آهي: بئريسٽر گوهر

اليڪشن ڪميشن اسان کي ڀت سان لڳائي ڇڏيو آهي: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن اسان کي ڀت سان لڳايو آهي.اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن هاڻي اسان جي انٽرا پارٽي چونڊن کي قبول ڪندي.هن چيو ته تحريڪ انصاف بهترين انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي ايف آءِ اي کي رڪارڊ ڏيڻ لاءِ چيو ته پوءِ اليڪشن ڪميشن رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو چيو هن چيو ته اسان رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي عدالت سان رجوع ڪيو آهي، ايف آءِ اي ڪيس بابت اسان جو سمورو رڪارڊ گهري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو