راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ 4 آڪٽوبر تي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ٿيندڙ احتجاج تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. موجب خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير اڊيالا جيل پهتو، علي امين گنڊاپور گيٽ 5 کان جيل اندر روانو ٿيو.عمران خان جي ڀيڻ عليما خان، جمشيد برڪي، سلمان اڪرم راجا، شيخ محمد سلمان ايڊووڪيٽ به اڊيالا جيل پهچي ويا.علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڪانفرنس روم ۾ ملاقات ڪئي وئي جيڪا اڌ ڪلاڪ جاري رهي.ذريعن موجب ملاقات ۾ ملڪي ۽ پارٽي جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ 28 سيپٽمبر جي راولپنڊي احتجاج تي به غور ڪيو ويو، جڏهن ته 4 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ احتجاج تي به صلاح مشورا ڪيا ويا.بعد ۾ علي امين گنڊاپور ميڊيا سان ڳالهائڻ کانسواءِ ئي روانو ٿي ويو.










