پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سمورين رڪاوٽن کي پار ڪري پنجاب ۽ لاهور جو سفر ڪري چئلينج پورو ڪيو.بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته خواجا آصف ۽ عطا تارڙ اٽڪ پار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هئا، وڏي وزير به اٽڪ پار ڪيو ۽ سڄي لاهور ۽ پنجاب جو دورو ڪيو.هن چيو ته سمورين رڪاوٽن باوجود وڏو وزير ڪي پي جي جلسي گاهه پهتو.جڏهن گنڊاپور چيلنج کي منهن ڏنو ته روڊ بلاڪ ڪري بيريون لڳايون ويون ۽ مينڊيٽ چور گنڊاپور پهچڻ کان اڳ ريلي کي ٽوڙي ڇڏيو.سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ڪالهه سڄو پاڪستان پي ٽي آءِ جي باني لاءِ ٻاهر نڪتو هو، هاڻي عمران خان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي.










