وڪيل پي ٽي آءِ جي تجويز ڪيل ترميمن جي حمايت ڪن

وڪيل پي ٽي آءِ جي تجويز ڪيل ترميمن جي حمايت ڪن

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته وڪيلن کي پي ٽي آءِ جي تجويز ڪيل ترميمن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.هڪ بيان ۾ بئريسٽر سيف الله چيو ته وڪيل برادري جو عدليه جي آزادي ۾ بنيادي ڪردار آهي.هن چيو ته تجويز ڪيل ترميمن خلاف سياستدانن کان وڌيڪ وڪيل ذميوار آهن، وڪيل برادري هميشه عدليه خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته مسودو مخالف ڌر يا اتحادين کي ناهي ڏيکاريو پيو وڃي، واضح آهي ته تجويز ڪيل ترميمن جو مسودو نه ڏيکارڻ سان سڄي دال ڪارا ٿي وئي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اپوزيشن ۽ اتحادين لاءِ ترميمن جا مختلف ڊرافٽ تيار ڪيا ويا آهن.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته جعلي حڪومت عارضي فائدن لاءِ عدليه جي آزادي کي داءَ تي لڳائي رهي آهي، جعلي حڪومت کي ان نااهلي لاءِ پاڻ استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو