حڪومت سپريم ڪورٽ کان مٿي عدالت ٺاهڻ چاهي ٿي

حڪومت سپريم ڪورٽ کان مٿي عدالت ٺاهڻ چاهي ٿي

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب جو چوڻ آهي ته هي سڀ فراڊ آهي، حڪومت جيڪي ترميمون ڪرڻ وڃي رهي آهي اهي انتهائي خطرناڪ آهن. گوجرانوالا جي سيشن ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته هو غلط ترميمون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هو سپريم ڪورٽ جي مٿان عدالت ٺاهڻ چاهين ٿا، هو اتان پنهنجا من پسند ڪم ڪرڻ چاهين ٿا، اسان ان جي مخالفت ڪئي. عمر ايوب جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان به مخالفت ڪئي آهي، جڏهن ترميم ٿيندي آهي ته هر شق تي بحث ڪيو ويندو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اينٽي مني لانڊرنگ کي 8 مهينا لڳي ويا ۽ 18هين ترميم کي هڪ سال لڳي ويو، آئيني ترميم لاءِ هڪ ٻه ڏينهن نه، اهو مهينن جو ڪم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو