اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ وليد اقبال جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ آئيني ترميمن جي حق ۾ ووٽ نه ڏيندي، اهي ترميمون سڄي نظام تي حملو آهي.وليد اقبال چيو ته حڪومت پارليامينٽ کي بلڊوز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.هن چيو ته ان ۾ ڪو به ابهام نه آهي ته حڪومت پنهنجا اختيار وڌائڻ لاءِ ترميمون پيش ڪري رهي آهي، حيرت جي ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽي ترميمن تي مسلم ليگ ن سان گڏ بيٺي آهي.وليد اقبال جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل آئيني ترميم عوام لاءِ ناهي، ان سان مهانگائي گهٽ نه ٿيندي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اسان اڄ تائين اهي آئيني ترميمون نه ڏٺيون آهن، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن به مسودو نه ڏٺو آهي، اهي آئيني ترميمون عدليه جي آزادي تي حملو آهي.هن وڌيڪ چيو ته حافظ حمدالله جي لفظن جي حمايت ڪريان ٿو، آئيني ترميم سنجيده معاملو آهي، ان تي بحث ٿيڻ گهرجي.وليد اقبال اهو به چيو ته ترميمون ملتوي نه ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي ترميمون هڪ مخصوص شخصيت لاءِ آهن.










