ووٽ ڏيندس 2 هزار گم ٿيل ماڻهو بازياب ڪريو، مينگل

ووٽ ڏيندس 2 هزار گم ٿيل ماڻهو بازياب ڪريو، مينگل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آئيني ترميم جي معاملي تي سينيٽ ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) مينگل جا 2 ووٽ اهم بڻجي ويا.ذريعن موجب اڳوڻي چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي سردار اختر مينگل سان رابطو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سردار اختر مينگل آئيني ترميم جو مسودو طلب ڪيو آهي ۽ صادق سنجراڻي سردار اختر مينگل جي مطالبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.ذريعن موجب، سردار اختر مينگل سينيٽ جي 2 ووٽن جي بدلي ۾ 2 هزار گم ٿيل ماڻهن جي فوري بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته صادق سنجراڻي سردار اختر مينگل جي مطالبن تي غور ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو