اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت سرڪاري بجلي ڪمپنين جي نجڪاري تي احتجاج جي خدشي کي نظر ۾ رکندي لازمي سروس ايڪٽ نافذ ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ڊسڪوز، اين ٽي ڊي سي ۽ جونڪوز تي لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ۽ لازمي سروس ايڪٽ تحت انهن ڪمپنين ۾ احتجاج ۽ هڙتال تي پابندي هوندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ڊيسڪوز، اين ٽي ڊي سيز ۽ جنڪوز ۾ يونين سرگرمين تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ لازمي سروس ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت پاور سيڪٽر جي سمورن ادارن تي 6 مهينن لاءِ لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ۽ گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ پاور ڊويزن ان حوالي سان هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊسڪو، اين ٽي ڊي سي ۽ جانڪوسڪي يونينز ۽ ملازمن پاران سرڪاري بجلي ڪمپنين جي نجڪاري واري عمل دوران احتجاج جو امڪان آهي، جنهن سبب لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو آهي.










