وزيراعظم جو ليگي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو

وزيراعظم جو ليگي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف آئيني ترميم تي مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽي کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس اڄ شام 7 وڳي وزيراعظم هائوس ۾ طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وزيراعظم پارلياماني پارٽي کي آئيني سڌارن بابت اعتماد ۾ وٺندو ۽ اجلاس کانپوءِ ميمبرن کي ڊنر پڻ ڏنو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اجلاس ۾ پارٽي جي پارلياماني اڳواڻن جي سوالن جا جواب ڏيندو ۽ آئيني ترميم تي کين اعتماد ۾ وٺندو.

پهنجو تبصرو موڪليو