اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ خراب موسم ۽ برسات سبب فلائيٽ آپريشن متاثر ٿيو آهي.اسلام آباد مان 3 پرڏيهي اڏامون لاهور ۾ لينڊ ڪيون ويون آهن جڏهن ته 20 اڏامون دير جو شڪار آهن.اسلام آباد کان جده، گلگت، اسڪردو ويندڙ پروازن جي روانگي به دير ڪئي وئي آهي.ملتان کان شارجه جون 2 اڏامون منسوخ ڪيون ويون.لاهور کان ڪراچي ويندڙ نجي هوائي اڏي جي روانگي ۾ 3 ڪلاڪ کان وڌيڪ دير ٿي وئي آهي.










