علي امين گنڊاپور جي صحافين بابت ڳالھيون غير مناسب قرار

علي امين گنڊاپور جي صحافين بابت ڳالھيون غير مناسب قرار

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صحافين سان ڳالهه ٻولهه کي نامناسب قرار ڏئي ڇڏيو.اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته علي امين گنڊاپور کي صحافين بابت اهڙي گفتگو نه ڪرڻ گهرجي ها.عمران خان چيو ته علي امين گنڊاپور پنهنجي بيان بازي ۾ تمام گهڻو ڳالهايو آهي، هو علي امين گنڊاپور جي صحافين بابت ڳالهائڻ جي حمايت نٿو ڪري.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته صحافين تي دٻاءُ آھي اوھان اچي جهاد ڪري رهيا آهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو