گرفتارين جي جاچ لاءِ گهرو وزارت کي خط، ايم اين ايز جا پروڊڪشن آرڊر جاري

گرفتارين جي جاچ لاءِ گهرو وزارت کي خط، ايم اين ايز جا پروڊڪشن آرڊر جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق تحريڪ انصاف ميمبرن جي پارليامينٽ هائوس مان گرفتاري جي معاملي جي جاچ لاءِ وفاقي گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو. قومي اسيمبلي اسپيڪر طرفان لکيل خط ۾ پارليامينٽ هائوس مان پي ٽي آءِ ميمبرن جي گرفتارين جي حوالي سان جاچ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اياز صادق گهرو وزارت کان 7 ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ طلب ڪئي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزارت ۾ جاچ ڪميٽي جوڙڻ جي حوالي سان مشاورت جاري آهي.تحريڪ انصاف جي گرفتار اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا. بئريسٽر گوهر جي سربراهي ۾ پي ٽي آءِ وفد گرفتار ساٿين جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرائڻ لاءِ اسپيڪر سان چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. بئريسٽر گوهر چيو ته توهان گذريل ڏينهن پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر اڃا تائين جاري ناهن ٿيا، توهان ڪالهه زباني چيو هو، اڄ لکت حڪم نامي لاءِ آيا آهيون. پوءِ پارليامينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اياز صادق گرفتار ايم اين ايز جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن، هو سڀاڻي ايوان ۾ ايندا.

پهنجو تبصرو موڪليو