اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته ڪجهه وڊيو ثبوت سامهون آيا آهن ته ايوان جي اندر مان ميمبرن کي نه کنيو ويو، جيڪي اسپيڪر جي آفيس ۾ آهن.قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت هيٺ ٿيندڙ افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سمورو ايوان اسپيڪر جي پٺيان بيٺو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سڄي واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، اسان ڀڄڻ وارا نه آهيون پر جبري گمشدگي نه ٿيڻ گهرجي.قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان چيو ته ڪالهه رات نقاب پوش ڪارن گاڏين ۾ آيا ۽ اسان جي ميمبرن کي کڻي ويا.علي محمد خان وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ٻين پارٽين ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، آءِ جي اسلام آباد کي اسپيڪر جي چيمبر ۾ طلب ڪيو ويو، اسان پروڊڪشن آرڊر طلب ڪيا ۽ اسپيڪر زباني حڪم جاري ڪيا. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اسپيڪر جي حڪم تي اسلام آباد پوليس اڃا تائين عمل ناهي ڪيو، جنهن تي اسپيڪر چيو ته هو استحقاق کان ٻاهر وڃي ايف آءِ آر داخل ڪندا. علي محمد خان چيو ته ڪو به ڀڄڻ ۽ ايوان ۾ پناهه نه وٺي، اسان جي گذارش آهي ته ميمبرن کي اجلاس ۾ پيش ڪيو وڃي، پارليامينٽ جي هن بي عزتي کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي.










