ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا،درود ۽ ڪلمي جو ورد

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا،درود ۽ ڪلمي جو ورد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب اسلام آباد کان علاوه لاهور، پشاور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.رپورٽ موجب زلزلي جي جهٽڪن سبب شهرين ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ هو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.سوات ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، علائقي واسين ۾ خوف پکڙجي ويو.زلزلي جي گهرائي 151 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ان جو مرڪز هندوڪش جبل جي علائقي ۾ هو جتي زلزلي جا لوڏا اڪثر علائقي ۾ محسوس ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو