ڏکڻ وزيرستان ۾ پوليس ويجهو ڌماڪو، 11 ڄڻا زخمي

ڏکڻ وزيرستان ۾ پوليس ويجهو ڌماڪو، 11 ڄڻا زخمي

ڏکڻ وزيرستان)ويب ڊيسڪ)ڏکڻ وزيرستان ۾ پوليس وين تي ريموٽ ڪنٽرول بم سان حملو ڪيو ويو.اختيارين موجب ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا رستم بازار ۾ ڪريڪوٽ روڊ تي پوليس وين تي ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا.اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو.ايم ايس اسپتال ڊاڪٽر حماد محمود موجب زخمين ۾ شهري ۽ پوليس اهلڪار شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو