انٽرا پارٽي چونڊن بابت پي ٽي آءِ جون درخواستون رد

انٽرا پارٽي چونڊن بابت پي ٽي آءِ جون درخواستون رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان انٽرا پارٽي چونڊن بابت پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن نثار دراني، شاهه محمد جتوئي ۽ جسٽس اڪرام الله تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ لکت وارو فيصلو ٻڌايو ۽ اهو فيصلو سندن دستخطن سان جاري ڪيو.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ استدعا ڪئي ته ايف آءِ اي کي چيو وڃي ته اسان جون فائلون ۽ ڪمپيوٽر واپس ڪيا وڃن، ايف آءِ اي ۽ پوليس اسان جون شيون کڻي ويا.اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجون شيون ۽ دستاويزن جي واپسي لاءِ لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪري.ڪيس ۾ وڌيڪ دير ڪرڻ مناسب نه هوندو، انٽرا پارٽي اليڪشن تي دليل 18 سيپٽمبر تي ٿيندا.پي ٽي آءِ درخواست ڪئي ته مخصوص سيٽن تي تفصيلي فيصلو ٿيڻ تائين انٽرا پارٽي اليڪشن جو عمل روڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو