جارحيت کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ صلاحيتن ۾ مسلسل اضافو جاري رهندو

جارحيت کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ صلاحيتن ۾ مسلسل اضافو جاري رهندو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف راولپنڊي ۾ آرمي وار گيم جي پڄاڻي واري سيشن ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي تازي وار گيم ۽ پاڪستان فوج جي سمورن ممڪن خطرن جي حوالي سان آپريشنل تيارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. دفاع وارو وفاقي وزير، ناڻي وارو وفاقي وزير، اطلاعات وارو وفاقي وزير آرمي چيف ۽ سينيئر عسڪري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ خطي ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام جي قيام ۽ ائٽمي ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي هٿياربند فوج جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن جارحيت جي صورت ۾ دشمن تي جوابي ضرب کي يقيني بڻائيندڙ روڪٿام جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جديد حربي تصورن ۽ سڌارن کي ساراهيو. عسڪري قيادت قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اها ڳالهه ورجائي وئي ته پاڪستان جي فوج موجوده سيڪيورٽي چئلينجز کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ ڪنهن به جارحيت کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن ۾ مسلسل اضافو جاري رکندي.

پهنجو تبصرو موڪليو