شاگردياڻين کي جنسي حوس جو نشانو بڻائيندڙ ماسترياڻي جو مڙس گرفتار

شاگردياڻين کي جنسي حوس جو نشانو بڻائيندڙ ماسترياڻي جو مڙس گرفتار

گجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گجرانوالا ۾ ڪيترن ئي سالن کان معصوم شاگردياڻين کي بليڪ ميل ڪري زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ سرڪاري اسڪول ٽيچر جي مڙس کي گرفتار ڪيو ويو آهي،پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار شاگردياڻين جون وڊيوز به ٺاهي رکيون هيون، جنهن جي ڪري متاثر ٻارڙيون خوف جي ڪري خاموش رهيون، جوابدار ڪيترن ئي سالن کان اسڪول ۾ ٻارڙين کي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو،پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر شاگردياڻين جون عمريون 11 کان 14 سالن جي وچ ۾ آهن، هڪ ٻارڙي گهروارن کي ان باري ۾ ٻڌايو جنهن تي والدين گڏجي پوليس سان رابطو ڪيو،پوليس عملدارن موجب گرفتار جوابدارن خلاف 5 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، 5 ٻارڙين جو ميڊيڪل به ڪرايو ويو جنهن ۾ ٻارڙين سان زيادتي ثابت ٿي آهي،پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي ۽ متاثر ٿيل ٻارڙين جو انگ وڌيڪ آهي، اسڪول کي تالو هڻي بند ڪيو ويو آهي،پوليس جو چوڻ آهي ته اسڪول کي بند ڪيو ويو آهي ۽ معاملي جي وڌيڪ جاچ هلي رهي آهي، جوابدار سرڪاري اسڪول جي ماسترياڻي جو مڙس آهي

پهنجو تبصرو موڪليو