اغوا ٿيل ڌيءَ واپس ڪرايو، والدين جو احتجاج

اغوا ٿيل ڌيءَ واپس ڪرايو، والدين جو احتجاج

ٽنڊو رحيم خان (مير مرتضي لاشاري) 6 سال اڳ واھي پانڌي دادو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل گل بانو جا والدين نيشنل پريس ڪلب واهي پانڌي پهچي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪزبانو ۽ جمن پنهور چيو ته ڇھ سال اڳ دادو بي سيڪشن ٿاڻي حد مان اسان جي ڌي گل بانو اغوا ٿي وئي هئي جنهن جو ڪيس اسان دادو بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرايوسين پر هيترو عرصو گذرڻ باوجود اسان جي ڌي بازياب نه ٿي سگهي آهي. ان وچ ۾ اسان جي ڌي جو اسان سان فون تي رابطو به ٿيو هو جنهن اسان کي ٻڌايو ته غلام حيدر پنهور،سرور پنهور،ايوب پوليس وارو، مرتضي پنهور مونکي اغوا ڪري ڪنهن نامعلوم هنڌ تي قيد ڪري رکيو آهي جنهن جي مونکي خبر نه آهي ۽ منهنجي جان کي خطرو آهي اهي نمبر اسان پوليس کي به ڏنا پر هن مهل تائين ڪا به  اڳڀرائي نه ٿي آهي اسان جي ڌي جي زندگي کي به خطرو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، وزيراعظم پاڪستان، چيف جسٽس آف پاڪستان، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي اغوا ٿيل ڌي بازياب ڪرائي ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو