اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه اختر مينگل جي استعيفيٰ قبول نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب حڪومت اختر مينگل کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.ڪميٽي سينيئر حڪومتي شخصيت جي هدايت تي جوڙي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله وفد سان گڏ پارليامينٽ لاجز ۾ اختر مينگل سان ملاقات ڪندو.اختر مينگل کي راضي ڪرڻ بعد سندس وزيراعظم شهباز شريف سان به ملاقات جو امڪان آهي.










