راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جمهوريت جون ڳالهيون ڪندڙ بوٽ اڳيان ليٽي پيا آهن ،اڊيالا جيل جي احتساب عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته گينيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ ٻه انٽريون داخل ٿيڻ واريون آهن.هڪ انٽري ان يوٽرن جي هوندي جنهن ۾ ووٽ کي عزت ڏيڻ جو چئي بوٽ کي عزت ڏني وئي،اڍائي سالن کان نواز شريف ووٽ کي عزت جو چوندو رهيو، فوج ۽ مارشل لا تي تنقيد ڪندو رهيو،عمران خان چيو ته خواجه آصف فوج کي ايترو گندو ڳالهايو جيڪو اڄ تائين ڪنهن نه ڳالهايو ، حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ تي پهريون ڀيرو احسن اقبال ٻڌايو هو،احسن اقبال فوج بابت چيو هو ته اها رياست جي اندر رياست آهي، احسن اقبال اهو به چوندو رهيو ته پاڪستان ميانمار ٿيڻ وارو آهي.اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته جڏهن به ڳالهين جي ڳالهه ٿيندي آهي ته هو 9 مئي جو شور مچائيندو آهي، 9 مئي سندس انشورنس پاليسي آهي، 9 مئي ختم ٿي ته سندس حڪومت ۽ سياست ٻئي ختم ٿي ويندا،هن الزام هڻندي چيو ته جمهوريت جي ڳالهه ڪرڻ وارا بوٽ اڳيان ليٽي پيا آهن،جيڪڏهن 9 مئي تي جاچ ٿيڻي آهي ته ان لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي جنهن منهنجي اغوا جو حڪم ڏنو ۽ جنهن سي سي ٽي وي فوٽيج غائب ڪرايا اهو ئي آهي جنهن 9 مئي جي سازش ڪئي.گينيز بڪ ۾ ٻي انٽري ان ڳالهه تي ٿيندي ته نواز شريف چئن امپائر گڏجي کيڏيو ۽ پوءِ به هارايو، ٻئي ڌر کي ميچ کيڏڻ نه ڏنو ويو، نواز شريف جي ڪاميابي لاءِ 74 هزار ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا. پٽن جي رپورٽن موجب ياسمين راشد کي شڪست ڏيڻ لاءِ نواز شريف کي 74 هزار ووٽ ڏنا ويا.ڳالهين بابت ڳالهائيندي هن چيو ته محمود خان اچڪزئي جي حڪومت سان ڳالهيون هلي رهيون آهن.اسان هر وقت ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، پر اسان انهن سان ڳالهائينداسين جيڪي اقتدار ۾ آهن، جن کين آندو آهي، حڪومت سان ڳالهائڻ جو مطلب آهي ته اليڪشن ۾ سندن ڌانڌلي کي تسليم ڪيو وڃي.جلسي بابت وضاحت ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 8 سيپٽمبر تي اسان جي جلسي جا ٽي مقصد آهن، هڪ مقصد پي ٽي آءِ جو چوري ڪيل مينڊيٽ واپس ڪرڻ آهي. ٻيو مقصد ملڪ کي قابض ٽولن کان حقيقي آزادي ڏيارڻ آهي ۽ ٽيون مقصد ملڪ ۾ آزاد عدليه جو قيام آهي. هن وڌيڪ چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي آڻڻ لاءِ عدليه تي حملا ڪيا پيا وڃن.هن چيو ته آڪسفورڊ يونيورسٽي جو چانسلر بڻجڻ پاڪستان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ڪو به ان مقام تي نه پهتو آهي جتي مان پهچي چڪو آهيان، پاڪستان جو سڀ کان وڏو سماجي ڪارڪن آهيان، اسان ٻه اسپتالون، ٻه يونيورسٽيون ٺاهيون آهن ۽ هڪ يونيورسٽي تعمير هيٺ آهي.










