ميانوالي چوڪي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام، 2 اهلڪار زخمي

ميانوالي چوڪي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام، 2 اهلڪار زخمي

ميانوالي )ويب ڊيسڪ)ميانوالي ۾ پنجاب پوليس خوارج دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو.خوارج دهشتگردن رات دير سان ميانوالي جي علائقي قبال خيل پوليس چيڪ پوسٽ تي راڪيٽ لانچرن ۽ دستي بمن سان حملو ڪيو.جڏهن ته پنجاب پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته حملي کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿي ويا.پوليس ترجمان موجب 12 کان 14 خارجي دهشتگردن رات جي اونداهي جو فائدو وٺي قبال خيل چيڪ پوسٽ تي راڪيٽ لانچرن ۽ دستي بمن سان حملو ڪيو.ترجمان جو چوڻ آهي ته چيڪ پوسٽ تي مقرر پنجاب پوليس اهلڪارن جي الرٽ هئڻ سبب حملي کي ناڪام بڻايو ويو، پوليس ڀرپور جوابي فائرنگ سان دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.پوليس ترجمان موجب حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار معمولي زخمي ٿي پيا، فرار ٿيل دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ تي پوليس چيڪ پوسٽ قبال خيل جي بهادر اهلڪارن کي مبارڪباد ڏني.هن چيو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ پنجاب پوليس تي دهشتگردن جو هي 9 هون حملو آهي جنهن کي ناڪام بڻايو ويو، پنجاب پوليس بين الصوبائي سرحدي چوڪن تي دهشتگردن خلاف سیسه پلائيندڙ آهي.آءِ جي پنجاب چيو ته اسان جي پوليس مستقبل ۾ به دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي.ٻئي طرف حملي کانپوءِ ڊي پي او ميانوالي اختر فاروق پهچي اهلڪارن جي حوصلا افزائي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو