راول ڊيم ۾ وري پاڻي جي سطح بلند، اسپل ويز کولڻ جو فيصلو

راول ڊيم ۾ وري پاڻي جي سطح بلند، اسپل ويز کولڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1752 فوٽ تائين پهچي وئي آهي.ضلعي انتظاميا راول ڊيم جو پاڻي انتهائي سطح تي پهچڻ تي اسپيل ويز کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته راول ڊيم جا اسپيل ويز اڄ شام 4 وڳي کوليا ويندا، شهري درياهه جي نالن تي وڃڻ کان پاسو ڪن ۽ هيٺاهين وارن علائقن جا رهواسي احتياطي تدبيرون اختيار ڪن.ضلعي انتظاميا عوام کي هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ 16 تي رابطو ڪن.اسلام آباد جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته چوپايو مال بروقت محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، اسپيل ويز کولڻ کانپوءِ دريائن ۽ پلن جي سخت نگراني ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو