اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي پاڪستان جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. اسلام آباد پوليس غزه بچاءُ مهم جي اڳواڻ کي سندس زال سميت ڊي چوڪ وٽان حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. مشتاق احمد خان کي قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي حراست ۾ ورتو ويو. ان سان گڏ اسلام آباد پوليس جماعت اسلامي جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو آهي.










