توهان نه آيا اسان آياسين،حڪومت پاران مولانا کان مدد طلب

توهان نه آيا اسان آياسين،حڪومت پاران مولانا کان مدد طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف ۽ مخالف ڌر جي جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.وفاقي حڪومت پاران مولانا فضل الرحمان کي انگيج ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن ۽ هڪ هفتي ۾ مولانا فضل الرحمان سان ٻه وڏيون ملاقاتون ٿيون،صدر آصف علي زرداري کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. صدر زرداري ڇنڇر ڏينهن مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي جڏهن ته وزيراعظم اڄ ملاقات ڪئي.ذريعن موجب وفاقي حڪومت مولانا فضل الرحمان کان ملڪ کي درپيش چيلينجز ۾ مدد ۽ سهڪار جي درخواست ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقاتن جو مقصد مولانا فضل الرحمان جي ناراضگي ختم ڪرڻ ۽ کيس راضي ڪرڻ آهي. صدر ۽ وزيراعظم يقين ڏياريو آهي ته مولانا فضل الرحمان جا تحفظات دور ڪيا ويندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان جمهوري سوچ رکندڙ سياستدان آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان کي هميشه وانگر جمهوري سياسي سوچ سان اڳتي وڌڻ جي درخواست ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته کيس يقين آهي ته مولانا فضل الرحمان انتشار پسند گروپ جي سياست کي رد ڪري ڇڏيندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت مولانا فضل الرحمان جا خدشا دور ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو