اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت صرف اهو ڄاڻڻ جي لاءِ ته ڪهڙي اداري جي نجڪاري ٿي سگهي ٿي يا نه انهي تي 1 ارب 99 ڪروڙ روپيه خرچ ڪري ڇڏيا. پر نجڪاري جو مشورو ملڻ کان پوءِ انهي تي عمل به نه ڪيو ويو.سينيٽر محمد طلال چوڌري جي صدارت هيٺ سينيٽ جي نجڪاري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گذريل 5 سالن ۾ نجڪاري جي عمل تي ايندڙ خرچ ۽ آمدني تي بريفنگ ڏني وئي. سيڪريٽري نجڪاري بريفنگ ۾ ٻڌايو ته گذريل پنجن سالن ۾ نجڪاري ٽرانزيڪشنز مان 4 ارب 38 ڪروڙ روپيه آمدني حاصل ٿي جڏهن ته نجڪاري تي انهي دوران 1 ارب 40 ڪروڙ روپيه خرچ ڪيا ويا. آپريشنل خرچ ملائي گڏيل رقم 1 ارب 99 ڪروڙ روپيه خرچ ٿيا.سيڪريٽري نجڪاري ٻڌايو ته نيشنل پاور پارڪ ڪمپني کي نجڪاري لسٽ مان ڪڍيو ويو، نيشنل پاور پارڪ ڪمپني جي نجڪاري لاءِ 33 ڪروڙ روپيه فنانشنل ايڊوائزر کي ڏنا ويا. پاڪستان اسٽيل ملز کي به نجڪاري جي فهرست مان ڪڍيو ويو. اسٽيل ملز لاءِ 3 سالن ۾ فنانشل ايڊوائزر کي 12 ڪروڙ 70 لک روپيه ادائيگي ٿي. جناح ڪنوينشن سينٽر کي به نجڪاري جي لسٽ مان ڪڍيو ويو. جناح ڪنوينشن سينٽر تي فنانشنل ايڊوائزر تي 70 لک روپيه ڏنا ويا.ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر بلال احمد پڇيو ته نجڪاري لاءِ فنانشل ايڊوائزر کي ايترو بااثر ڇو ڪيو ويندو آهي؟ سيڪريٽري نجڪاري ڊويزن جواب ڏنو ته فنانشنل ايڊوائزر ٻڌائيندو آهي ته اداري جي نجڪاري ٿي سگهي ٿي يا نه. چيئرمين ڪميٽي طلال چوڌري پڇو ته ايترو خرچ ڪرڻ باوجود نجڪاري ڇو روڪي وئي؟ سيڪريٽري نجڪاري جواب ڏنو ته حڪومت ئي بعد ۾ انهي ڪمپني جي نجڪاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، گذريل سال ڪابينه اسٽيل ملز کي ڊي لسٽ ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته جناح ڪنوينشن سينٽر جي نجڪاري تي سي ڊي اي کي ڪجهه اعتراض هئا.










