شھيدن جون خون رائيگان نه ويندو،دھشتگردي جو خاتمو ڪنداسين

شھيدن جون خون رائيگان نه ويندو،دھشتگردي جو خاتمو ڪنداسين

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته هو شهيدن جو رت رائيگا نه ٿيڻ ڏينداسين، بلوچستان مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻينداسين.ڪوئيٽا ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار، گورنر جعفر مندوخيل، وفاقي وزير احسن اقبال، محسن نقوي، عطاءُ الله تارڙ ۽ ڄام ڪمال خان به شرڪت ڪئي.ملاقات ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.ملاقات کانپوءِ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن وقت اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان پنهنجي پرعزم ارادي سان دهشتگردي کي ختم ڪرڻو آهي.بلوچستان پاڪستان جو تمام خوبصورت صوبو آهي، دهشتگرد تنظيمن ۽ دراندازن هڪ ناسور اسڪيم ٺاهي هئي، شهيدن جو رت رائيگاں نه ويندو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آرمي چيف جي قيادت ۾ هي مرحلو پار ڪيو ويندو. 2018ع کانپوءِ دهشتگردي پنهنجو سر بلند ڪيو آهي ۽ ان جو خاتمو آندو ويندو.وزيراعظم چيو ته اسان جي آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون، بلوچستان جي ترقي جي راهه ۾ ايندڙ سموريون رڪاوٽون دور ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو