اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي علائقي همڪ ۾ فيڪٽري جي ڇت ڪري پئي، 5 مزدور ملبي هيٺان دٻجي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب فوت ٿيل ڪارڪنن ۾ 4 جو تعلق تونسه شريف ۽ هڪ جو تعلق ڪراچي جي علائقي ملير سان آهي.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته 1 مزدور اڃا تائين ملبي هيٺان دٻجي ويو آهي، جنهن کي ڪڍڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي.پوليس ذريعن موجب فيڪٽري جي ڇت ڪرڻ جي واقعي ۾ 2 مزدورن کي بچائي ورتو آهي، جڏهن ته فوت ٿيلن ۾ لڪي، سجاد، ڪبير ۽ اعجاز شامل آهن.










