دل ۽ دماغ کي طاقت ڏيندڙ ، 5 هزار سال پراڻو ۽ مهانگو ميوو

سياري جي مند شروع آهي ۽ هن مند ۾ اڪثر ماڻهو خشڪ ميوا وڌيڪ کائيندا آهن. اڄ اوهان کي دنيا جي هڪ قيمتي ۽ مهانگي خشڪ ميوي نيزي بابت ڄاڻ ڏينداسين ته اهو پيدا ڪيئن ٿئي ٿو، ان جو وڻ ۽ ان ۾ پچي ڪڏهن تيار ٿئي ٿو ۽ ان کي ڪهڙي تڪليف ۽ انتهائي سخت محنت بعد ڪڍيو ٿو وڃي. نيزن جي صحت لاءِ فائدن بابت به ٻڌايون ٿا. ٿي سگهي ٿو اوهان مان ڪجهه ماڻهن کي ان بابت ڄاڻ به هجي پر اسين اڪثر جيڪي شيون کائيندا آهيون ان بابت ڄاڻ گهٽ هوندي آهي.

مارڪيٽ ۾ نيزا يعني چلغوزا 2000کان 8000 روپيا ڪلو وڪامن ٿا، ان ۾ ڪوالٽي تي دارومدار آهي. هڪڙا تمام گهاٽي ناسي رنگ لڳ ڀڳ ڪاري رنگت وارا ٿين ٿا ۽ ٻيا ڀوري ناسي رنگ جا ٿين ٿا، هن رنگت جي وڏن داڻن جو في ڪلو 8 هزار ۾ ملي ٿو. هن کي انگريزي م پائن نٽس چئبو آهي. دنيا ۾ نيزن جي سڀ کان وڌيڪ پيداوار روس ۽ منگوليا ۾ ٿئي ٿي جتي جنگلي وڻن مان 10 هزار ٽن ساليانو نيزا پيدا ٿين ٿا. روسي نيزن کي سائيبرين نيزا به چئبو آهي. آمريڪا، ميڪسيڪو، يورپ، ڪوريا، انڊيا، پاڪستان ۽ ٻين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن ميوي جا وڻ آهن. اڪثر پهاڙي علائقن ۾ هي وڻ ٿين ٿا جن ۾  ڪون پيدا ٿئي ٿو.

هي ايترو ته پڪو هوندو آهي جو ان کي ڊکڻن واري واهولي سان ڪپي ان کي ڦاڪون ڪري ان مان نيزا ڪڍيا وڃن ٿا. پاڪستان جي وزيرستان، بلوچستان ۽ گلگت جي علائقن ۾ هي وڻ آهن. هي 5000 سال پراڻو قدرت جو تحفو آهي. ڀارت جي رياست هماچل پرديش ۾ هي وڻ جهجهي مقدار ۾ آهن. سڀ کان وڌيڪ انهن جي کپت چين ۾ آهي. هر علائقي ۾ نيزن جو استعمال کاڌي ۾ مختلف انداز ۾ ڪيو ويندو آهي.

شادين جي موقعي ته هما چل پرديش ۾ عورتون توڙي مرد نيزن جا هار يعني مالهائون ٺاهي پائيندا به آهن ته وري ڪنهن آيل مهمان جي آڌر لاءِ کيس به هار جي شڪل ۾ پارايو به وندو آهي. اسان وٽ ڪيڪ ۾ به نيزو استعمال ٿئي ٿو پر گهڻي ڀاڱي ان جا ٻچ ڪڍي کاڌو ويندو آهي.

نيزي جي ڪون ۾ هڪ خاني ۾ اڪثر ڪري ٻه نيزا ٿيندا آهن، هن ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهو ننڍو ڪون يا سنگ ڏسي ان کي ڇڏي ڏيندا آهن ته اهو وري ٻئي سال تائين تيار ٿيندو آهي. هن جو ڪون مري ۾ ٿيندڙ چيڙ جي وڻن مان ڪرندڙ ڪون جيان ٿيندا آهن، پائن ايپل جي شڪل جيان. هي تمام سخت هوندا آهن. پائن جا ڪون پٽي انهن کي ٻن کان ٽن هفتن تائين اس م سڪايو ويندو آهي.

جنهن بعد هو ڦاٽندا آهن ۽ ان بعد ئي ثابت نيزو ڪڍڻ ممڪن ٿيندو آهي. ڪي ماڻهو ته ڪچا ڪون پاڻي ۾ بوائل ڪندا آهن جيئن جلدي کلي وڃي. ڪون مان نيزا ڪڍڻ وقت عجيب قسم جو مواد نڪرندو آهي جنهن ۾ هٿ چنبڙي پوندا آهن ان ڪري نيزا ڪون مان ڪڍڻ وقت مزدور کاڄرو تيل ۾ هٿ ٻوڙي پوءِ نيزا ڪڍندا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته مستقل نيزا استعمال ڪرڻ جا بيشمار جسماني صحت لاءِ فائدا آهن.هن ۾ چرٻي پگهارڻ، دل ۽ دماغ کي طاقت ڏيڻ، جسماني ڪمزورين بشمول جنسي طاقت پيدا ڪرڻ جي به صلاحيت آهي.

خراب ڪوليسٽرول تي ڪنٽرول ڪن ٿا جنهن سب دل جو  مرضن جو امڪان گهٽ ٿئي ٿو، ياداشت بهتر ٿئي ٿي ۽ الزائمر جي بيماري نٿي ٿئي. هن ۾ قدرت ڪافي منرلز ۽ وٽامنز رکيون آهن. جن ۾ وٽامن اِي، زنڪ، ميگنيشيم ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس به آهن. دنيا ۾ ٿيل ريسرچ موجب نيزن ۾ قدرت جو اهڙو ته رنگ آهي جو نيزن کي ڪوليسٽرول تي ڪنٽرول جو جادو به چيو ويندو آهي.(ريسرچ اياز مهر، فوٽو  بشڪريه يو ٽيوب)

پهنجو تبصرو موڪليو