پي ٽي آءِ جو جلسو ملتوي ٿيڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ناهي

پي ٽي آءِ جو جلسو ملتوي ٿيڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ناهي

سيالڪوٽ: (ويب ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪوڙيون خبرون هلائي رهي آهي، ٻاهرين ايجنڊا تي ڪم ٿي رهيو آهي انهي جو سخت مقابلو ڪنداسين.سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ ۾ اختلاف ظاهر ٿي رهيا آهن. پاڪستان جي وحدت جو ڀرپور دفاع ڪيو ويندو، جلسو ڪامياب ٿيڻو هجي ها ته هي ڪڏهن به جلسو ملتوي نه ڪن ها.خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ جو مقصد ٻيهر 9 مئي واقعو ڪرڻ آهي، گذريل ڏيڍ سالن کان گولڊ اسمٿ جي ذريعي ڪيترائي آرٽيڪل ڇپرايا ويا، آپريشن گولڊ اسمٿ جي ذريعي هي حڪومت ۾ آيا ۽ پارٽي ٺاهي، هي چاهين ٿا ته حالتون اهڙيون ڪيون وڃن جو سنڀلجي نه سگهجن.هن چيو ته پي ٽي آءِ جو جلسو ملتوي ٿيڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪوبه ڪردار نه آهي، پي ٽي آءِ ۾ اختلاف ظاهر ٿي رهيا آهن جيڪڏهن انهن جو جلسو ڪامياب ٿئي ها ته ڪڏهن به ملتوي نه ڪن ها.هن وڌيڪ چيو ته يقيني طور تي پي ٽي آءِ باني کي جلسي جي ناڪامي جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي، اعظم سواتي کي وڏي وقت کان پوءِ باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جو موقعو مليو.

پهنجو تبصرو موڪليو