اڻ اعلانيل بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جو احتجاج

اڻ اعلانيل بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جو احتجاج

بوزدار وڏا (حسين ٽانوري) سيپڪو جي اڻ اعلانيل بجلي جي  لوڊشيڊنگ خلاف ميلاد ڪاميٽي، شهرين ۽ ٻارڙن پاران احسن گلاب ٽانوري، پپو سومرو، سليم اڄڻ، ثقلين مشتاق، منصور ٽانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته سيپڪو عملدار شهر ۾ روزاني 16 کان 18 ڪلاڪ بنا جواز جي بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪري رھيا آھن جيڪو سراسر اسان شهرين سان ناانصافي آهي ربيع الاول جهڙي ڀلاري مهيني ۾ سڄي رات بجلي بند ڪري عوام کي پريشان ڪري رهيا آهن  واپڊا وارا هر مهيني بلن ۾ ڊٽيڪشن ھڻي شھرين کان رشوت طلب ڪري رھيا آھن. ھنن وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته لائين مين هر گهر يا دڪان تي لڳل ڪنڍي وارن کان هر مهيني 500 کان 1000 تائين رشوت وٺڻ بعد به شهر جي اڪثر بجلي بند رهي ٿي. هنن سيپڪو چيف سکر، اي سي سکر کان مطالبو ڪيو ته سيپڪو عملدارن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي اسان شهرين کي بجلي ٽائيم ٽيبل مطابق ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو