سياسي عدم استحڪام پيدا ڪندڙن کي فولادي هٿن سان منهن ڏبو

سياسي عدم استحڪام پيدا ڪندڙن کي فولادي هٿن سان منهن ڏبو

لاهور (ويب ڊيسڪ)وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته عدالتي فيصلي تي حيرت آهي، ججز ملڪ هلڻ ڏين، فيصلا ضمير نه پر آئين موجب ٿيڻ گهرجن، حڪومت 5 سالن جو مدو پورو ڪندي، سياسي عدم استحڪام پيدا ڪندڙن کي فولادي هٿن سان منهن ڏينداسين پنجاب جي سي ايم مريم نواز لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن به ملڪ ترقي ڪرڻ لڳندو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن کي تڪليف شروع ٿي ويندي آهي هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جو هڪ ٽولو ويهي اهڙا فيصلا ڪندو آهي جن سان ترقيءَ جو عمل رڪجي ويندو آهي، جڏهن عوام تي ڪا ٽيڪس لڳي ٿي ته اسان کي تڪليف ٿئي ٿي مريم نواز چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي ڪجهه ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا آهن، پر ان صورتحال جا ذميوار اڳوڻا حڪمران آهن، نواز شريف روز مون کي هدايت ڪندو آهي ته ڪڏهن به اٽو مهانگو نه ڪرڻو آهي هن چيو ته اٽو مهانگو ناهي ڪرڻو، ڇو تهغريب ماڻهو ٻيو ڪجهه نه ته ماني ضرور کائيندو، مهانگائي ۾ درجيوار گهٽتائي اچي رهي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو