پي ٽي آءِ تي پابندي جو علم نه هو،اتحاد ائين ناهن هلندا،شيري

پي ٽي آءِ تي پابندي جو علم نه هو،اتحاد ائين ناهن هلندا،شيري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته اسان کي خبر ئي نه هئي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳندي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته توهان بجيٽ ۾ به ڏٺو آهي، اسان پنهنجي راءِ موجب ڪجهه نه ڪري سگهيا آهيون، اسان کين چيو هو ته ائين نه ڪيو، اتحاد به اهڙو ڪم نٿو ڪري.هن چيو ته اسان کي خبر نه هئي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳندي، هاڻي پارٽي جيڪو به فيصلو ڪندي ان تي قائم آهيون، مان سمجهان ٿو ته ان مان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، ملڪ ۾ قانون جي بالادستي هئڻ گهرجي ماڻهو موجوده صورتحال تي رڙيون ڪري رهيا آهن.شيري رحمان چيو ته اجتماعي دانش مان فائدو وٺڻ گهرجي، ماڻهن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، هر پارٽي کي مسئلن تي سوچڻ گهرجي، ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ حل ڏنا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو