پنجاب ۾ فيلڊ اسپتالن ۽ ڪلينڪس جو دائرو وڌايون پيا: مريم

پنجاب ۾ فيلڊ اسپتالن ۽ ڪلينڪس جو دائرو وڌايون پيا: مريم

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سان صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سعيد اڪبر خان نواني ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ ترقياتي منصوبن ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ تجويزن تي غور ڪيو ويو.ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته ويلز تي فيلڊ اسپتال ۽ ڪلينڪ جو دائرو وڌايو پيو وڃي، 500 وڌيڪ فيلڊ اسپتالون فراهم ڪنداسين.سندس چوڻ آهي ته صحت جي سڌارن ۽ طبي سهولتن کي عوام جي درين تائين پهچائڻ جو خواب شرمندهه تعبير ڪيو پيو وڃي.مريم نواز اهو به چيو ته ايندڙ سال تائين 200 پرائمري هيلٿ سينٽر 24 ڪلاڪ خدمتون فراهم ڪندا، ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتالن ۾ ٿلهيسيميا سينٽر قائم ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو