پنجاب ۾ محرم تي موبائل سروس جزوي  معطل ڪرڻ جو فيصلو

پنجاب ۾ محرم تي موبائل سروس جزوي معطل ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته 9 ۽ 10 محرم تي موبائل فون سروس جزوي طور تي معطل ڪئي ويندي.پنجاب جي گهرو وزارت جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پنجاب جي ڪنهن به شهر ۾ 9 ۽ 10 محرم تي موبائل فون سروس مڪمل طور تي معطل نه ڪئي ويندي. موبائل فون سروس جلوس ۽ مجلس وارن علائقن ۾ معطل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.ترجمان موجب 9 ۽ 10 محرم تي صبح 8 کان رات 10 وڳي تائين جزوي طور تي موبائل فون سروس بند رهندي. ترجمان چيو آهي ته حڪومت شهرين جي حفاظت لاءِ مخصوص هنڌن تي موبائل فون سروس معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو