هر نوجوان کي هنرمند بڻائڻ اسان جو ويزن آهي: مريم نواز

هر نوجوان کي هنرمند بڻائڻ اسان جو ويزن آهي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته اسان جو ويزن آهي ته پنجاب جي هر نوجوان کي معاشي خودمختياري لاءِ هنرمند بڻايون.نوجوانن جي مهارت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مريم نواز چيو آهي ته مهارت رکندڙ نوجوان اسان جو سرمايو ۽ اثاثو آهن، نوجوانن کي دنيا ۾ ترقي لاءِ گهربل صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ گهرجي.مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته پنجاب حڪومت نوجوانن کي پروفيشنل ٽريننگ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو