ٽي ٽي پي جي وڏي گروپ جو افغان طالبان رابطي ۾ هجڻ جو انڪشاف

ٽي ٽي پي جي وڏي گروپ جو افغان طالبان رابطي ۾ هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي مانيٽرنگ ٽيم جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ سڀ کان وڏو دهشتگرد گروپ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان آهي.گڏيل قومن جي مانيٽرنگ گروپ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته افغان طالبان کان تحريڪ طالبان پاڪستان جي حمايت ۾ اضافو ٿيو آهي. ٽي ٽي پي کي افغان طالبان ۽ القاعده جي گروپن کان آپريشنل ۽ لوجسٽڪ سپورٽ حاصل آهي.رپورٽ موجب افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جا 6 هزار کان 6 هزار 500 ويڙهاڪ موجود آهن، افغان طالبان ٽي ٽي پي جي خطري کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ۽ نه وري اهڙو ڪو ارادو آهي.گڏيل قومن جي گروپ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته افغان طالبان ٽي ٽي پي کي دهشتگرد گروپ نه ٿا سمجهن، انهن جا ويجها لاڳاپا آهن، ٽي ٽي پي جا ميمبر افغانستان کان پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪندا آهن، ٽي ٽي پي ميمبر پاڪستان مان افغانين کي دهشتگرد ڪاررواين لاءِ استعمال ڪندا آهن.مانيٽرنگ گروپ جي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ٽي ٽي پي پاڪستان خلاف حملن جي تعداد ۾ آهستي آهستي اضافو ڪيو آهي. ٽي ٽي پي ڪارڪنن کي مقامي ويڙهاڪن سان گڏ القاعده جي ڪيمپن ۾ تربيت ڏني پئي وڃي. القاعده جي وڌندڙ حمايت سان ٽي ٽي پي خطي جي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو