عوام تسلي رکي نوڪريون ۽ روزگار ڏينداسين؛ گورنر سنڌ

عوام تسلي رکي نوڪريون ۽ روزگار ڏينداسين؛ گورنر سنڌ

دادو(ادل مهيسر) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي جي مانجهاندي جي دعوت تي ٻيٽو جتوئي پهتو. ان موقعي تي پي ٽي آئي جو پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر جمال صديقي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ ان سان گڏ موجود هئا. لياقت علي جتوئي، صداقت علي جتوئي،ڪريم علي خان جتوئي،سردار طفيل خان مهيسر،ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر،نياز علي ٻرڙو،سردار عاشق علي زنئور،ڊاڪٽر سڪندر کونهارو، ثاقب خان مهيسر، ميڊم حسينه لغاري ۽ ٻين گورنر سنڌ ۽ اڳواڻ جو ڀليڪار ڪيو. گورنر سنڌ بٻٽو هائوس تي وڪيلن، ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ کين شڪايتون ٻڌيون. گورنر سنڌ عمران اسماعيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان جا مسئلا وزيراعظم آڏو رکندس ۽ مسئلن کي حل ڪرائڻ جي هر ممڪن ڪوشش به ڪندس. ميڊيا جي هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت ڌرڻي کي سنجيدگي سان ڏسي پئي ڪوشش ڪئي آهي ته ڌرڻي ۾ جاني يا مالي نقصان نه ٿئي سمورو ڪريڊٽ وفاقي حڪومت کي وڃي ٿو، حڪومت ڌرڻي جي قائدن سان مذاڪرات ڪري رهي آهي، ڌرڻو پنهنجي منطقي پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪوبه حلقو کولرائڻو آهي يا عوامي مسئلا آهن ته حل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. قانوني مطالبن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون پر غير قانوني مطالبن تي ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪوبه 400 ادارا بند نه پئي ڪري ماڻهو افواهن تي ڪن نه ڌرين. هن چيو ته موجوده وفاقي حڪومت پي آئي اي کي بهتر بڻايو هلندڙ سال پي آئي اي ۾ ڪوبه نقصان نه ٿيو آهي، اسٽيل مل کي به هلائينداسين. جيڪي ادارا هلڻ جوڳا نه آهن اهي تمام گهٽ آهن، عوام تسلي رکي حڪومت عوام کي نوڪريون ڏيڻ ۽ روزگار ڳولي رهي آهي، عوامي شڪايتن بابت ڪيل سوال جو جواب ڏيندي گورنر سنڌ چيو ته گذريل حڪومت کان حساب ورتو ويندو ته هن عوام کي سهولت ڇو نه ڏني. وفاق پاران صوبائي حڪومت کي مدد بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت جي هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهي، عمران خان پوري پاڪستان جو وزيراعظم آهي، وفاقي حڪومت ڏک سک ۾ عوام سان گڏ بيٺل هوندي. لنگرخانن بابت ڪيل سوال تي گورنر سنڌ چيو ته لنگرخانن ذريعي حڪومت اهڙن ماڻهن کي کاڌو پهچائي رهي آهي جيڪي ماڻهو بک ۽ تنگدستي واري زندگي بسر ڪري رهيا آهن. پهريون ڀيرو هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن جنهن تحت ساڍا ست لک رپين جو علاج ڪرائي سگهجي ٿو. وزيراعظم عمران خان هن علائقي جي ترقي لاءِ لياقت جتوئي کي ٽاسڪ ڏنو آهي علائقي جي مسئلن تي وزيراعظم خاص فنڊ پڻ مهيا ڪندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي ڪنهن به شعبي ۾ وفاق جي مدد گهربل هوندي ته اها اسان ڪنداسين. پاڻي جي چوري بابت ڪيل سوال تي گورنر سنڌ چيو ته وفاق سنڌ رينجرز جي مدد سان پاڻي جي چوري کي رڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته جتوئي صاحب کي چيو آهي ته هو اوهان لاءِ وڌيڪ پاڻي جون اسڪيمون ڏيندو. ان موقعي تي موجود لياقت علي جتوئي چيو ته گورنر سنڌ جو ٿورائتو آهيان جنهن مون وٽ قدم ڀريا، عوام جي مسئلن تي وزيراعظم کي آگاهه ڪري چڪا آهيون اوهان جي مسئلن لاءِ گورنر صاحب پل جو ڪردار ادا ڪندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو