اڄ کان 16 جولاءِ تائين ملڪ ۾ برسات جو امڪان

اڄ کان 16 جولاءِ تائين ملڪ ۾ برسات جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد، پنجاب ۽ ڪشمير ۾ اڄ کان 16 جولاءِ تائين برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب مون سون جون هوائون عربي سمنڊ مان ملڪ ۾ داخل ٿينديون، جنهن سبب برساتون پونديون.موسميات کاتي موجب 11 کان 15 جولاءِ تائين خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ جڏهن ته 12 ۽ 14 جولاءِ دوران بلوچستان جي ڪجهه هنڌن تي تيز برسات پئجي سگهي ٿي.ان کان علاوه 12 ۽ 13 جولاءِ تي سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو