اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ باني عمران خان کي جيل ۾ سهولتون ڏيڻ لاءِ صدر ۽ وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو آهي.جوڊيشل ايڪٽوزم پينل جي سربراهه اظهر صديق ايڊووڪيٽ طرفان اماڻيل خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ قانون موجب سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن، کيس ماڻهن سان ملڻ به نه پيو ڏنو وڃي.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي ملاقاتن ۾ ڇو رنڊڪون وڌيون پيون وڃن؟ پي ٽي آءِ باني کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن، کيس جيل ۾ سهولتون نه ڏنيون ويون ته اعليٰ عدالتن سان رابطو ڪيو ويندو.










