اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف 2 ڏينهن جي دوري تي تاجڪستان روانو ٿي ويو.رپورٽ موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجه آصف، سڌ سماءَ وارو وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهن،وزيراعظم دوشنبي پهچڻ تي تاجڪستان جي قومي هيرو اسماعيل ساماني جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي.










