ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي بي 9 جي 7 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجو سامهون اچي ويو آهي.ريٽرننگ آفيسر موجب مسلم ليگ ن جي نواب جنگيز مري 7147 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو.پيپلز پارٽي جو مير نصيب الله مري 6197 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، جڏهن ته مير نصيب الله مري نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته نتيجن کي اليڪشن ڪميشن، سپريم ڪورٽ ۽ ٻين فورمن تي چئلينج ڪندا.مير نصيب الله مري الزام هنيو ته اسان جي پولنگ ايجنٽن کي پولنگ اسٽيشنن ۾ ويهڻ نه ڏنو ويو.پيپلز پارٽي جي اميدوار الزام هنيو آهي ته آر او، ڊي آر او سميت سمورا چونڊ عملو پارٽيون بڻجي ويا.










