اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ بجيٽ تي غور ڪيو ويو، اسيمبلي ميمبرن خدشن کان پارٽي قيادت کي آگاهه ڪيو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيه مري چيو ته وفاقي حڪومت جي پيپلز پارٽي سان خاص روش سبب مسئلا سامهون اچي رهيا آهن.هن چيو ته وفاقي حڪومت معاهدي تي عمل نه ڪيو، بجيٽ تي پيپلز پارٽي کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو.پيپلزپارٽي جي ترجمان وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو حڪومت سان ڳالهايو پر نتيجا اسان جي اميدن موجب نه آيا، اسان سوچيو هو ته شهباز شريف اسان کي سمجهائيندو.هن اهو به چيو ته اسان کي شمسي توانائي ۾ ڪجهه نظر نٿو اچي، پيپلزپارٽي جي پارلياماني پارٽي جو اڄ 2 وڳي ٻيو اجلاس ٿيندو.هڪ سوال جي جواب ۾ شازيه مري واضح ڪيو ته اسان ڪابينا ۾ شامل نه ٿيڻ وارا آهيون.










