خراب حالتون، زراعت کانسواءِ اڪثر شعبن ۾ ٽارگيٽ حاصل نه ٿي سگهيا

خراب حالتون، زراعت کانسواءِ اڪثر شعبن ۾ ٽارگيٽ حاصل نه ٿي سگهيا

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب مالي سال 24-2023ع جو ملڪي معيشت جو اهم دستاويز اڪنامڪ سروي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته سخت حالتن سبب زراعت کانسواءِ ڪنهن به شعبي ۾ بجيٽ جا ٽارگيٽ حاصل نه ڪري سگهيا آهيون. زرعت ۾ غير معمولي حد تائين پيداوار م اضافو ٿيو چاهي چانور هجن يا ڪڻڪ، ڦٽي هجي يا بيا فصل انهن م پيداوار وڌيڪ رهي. هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) وٽ نه وڃون ها ته صورتحال مختلف يعني حد کان وڌيڪ خراب هجي ها. اقتصادي سروي پيش ڪرڻ جي تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي. جنهن بعد ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب اقتصادي ٽيم سان گڏ بريفنگ ڏني. بريفنگ جي شروعات ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته جڏهن مالي سال 24-2023ع شروع ٿيو ته ان وقت مان خانگي شعبي ۾ هئس. مون چيو ته اسان کي آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻ گهرجي ڇو ته اسان وٽ ڪو پلان بي نه هو. هن چيو ته مون آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ وڃڻ کي ترجيح ڏني. جيڪڏهن اسان 9 مهينن جو معاهدو نه ڪريون ها ته هن وقت ٽارگيٽ بابت ڳالهائڻ جي نوبت ئي نه اچي ها. وفاقي وزير چيو ته گذريل مالي سال جي ڊي پي، جي شرح منفي 2 سيڪڙو هئي، هن مالي سال جي شروعات وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ٿي. محمد اورنگزيب چيو ته جي ڊي پي گروٿ ۾ وڏين صنعتن جي ترقي سٺي ناهي، زراعت بهتر ڪردار ادا ڪيو آهي. هن مالي سال لائيو اسٽاڪ پڻ بهتر رهيو آهي. هن چيو ته مالي سال 23-2022ع ۾ رپئي جي قدر ۾ 29 سيڪڙو گهٽتائي آئي. ماڻهو چون پيا ته ڊالر 350 تائين پهچي ويندو، هن سال رپئي جي قدر ۾ استحڪام رهيو. ناڻي واري وزير چيو ته ڪرنسي مستحڪم ٿي آهي، نگران حڪومت هٿرادو ڪم ۽ اسمگلنگ گهٽ ڪئي آهي. ڪرنسي بهتر ٿي، اسٽيٽ بئنڪ به قدم کنيا ۽ فارين ڪرنسي ريگوليشن سخت ڪيا. هن چيو ته هن سال جي ٽن مهينن تائين ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ هو. هلندڙ مالي سال لاءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو اندازو 6 ارب ڊالر رکيو ويو. نئين تخميني ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هاڻي 200 ملين ڊالر لڳايو ويو آهي. محمد اورنگزيب چيو ته نگران دور ۾ اسمگلنگ ۽ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ تي ڪنٽرول ڪيو ويو.وفاقي وزير چيو ته افواهن جي بنياد تي ڊالر جو اگهه وڌائيندڙ نجي ايڪسچينج ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جوا کي هن ملڪ ۾ ٻيهر ٿيڻ کان روڪيو وڃي.هن چيو ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي مهانگائي ۾ گهٽتائي سبب ڪئي وئي آهي. جي ڊي پي ۾ ٽيڪس جي شرح کي وڌائڻو آهي،هن چيو ته آءِ ايم ايف سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون هلي رهيون آهن، آءِ ايم ايف سان 9 مهينن جو پروگرام سٺي نموني ختم ٿي چڪو آهي. اهو پاڪستان جو هڪ پروگرام آهي جنهن کي آءِ ايم ايف جي مدد حاصل آهي.

اقتصادي سروي جا اهم نقطا
• اقتصادي سروي موجب صنعتي ترقي جي شرح 1.21 سيڪڙو، سروس سيڪٽر جي ترقي جي شرح 1.21 سيڪڙو رهي.
• في ڪس آمدني 1680 ڊالر هئي. سيڙپڪاري جي ڊي پي جي 13.1 سيڪڙو تي بيٺو.
• سروي موجب هلندڙ مالي سال ۾ بچت جي شرح 13 سيڪڙو رهي.
• اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گهوڙن جو انگ هڪ سال ۾ نه وڌو. ملڪ ۾ گهوڙن جو انگ 4 لک رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي طرح اٺن جو تعداد هڪ سال ۾ به نه وڌيو.
• ٻڪرن ۽ ٻڪرين جو انگ وڌي 2 ڪروڙ 2 لک ٿي ويو. هڪ سال ۾ رڍن جو تعداد 4 لک وڌي ويو.
• ملڪ ۾ هڪ سال دوران گڏهن جي تعداد ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ گداگرن جي انگ ۾ هڪ لک جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو وڌي 59 لک ٿي ويو آهي.
• سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ گداگرن جو انگ گذريل مالي سال ۾ 58 لک هو، جڏهن ته مالي سال 2021-22 ۾ گداگرن جو انگ 57 لک هو.

پهنجو تبصرو موڪليو