خان سڀني کي معاف ڪرڻ لاءِ تيار، ڳالهين لاءِ رستا کوليا وڃن

خان سڀني کي معاف ڪرڻ لاءِ تيار، ڳالهين لاءِ رستا کوليا وڃن

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته آ پي ٽي آءِ باني ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته مون سان جيڪو ٿيو، معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيان،اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر گوهر چيو ته اڄ وڪيلن پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ عمران خان چيو ته سندس پٽن سان ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن.بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته مون سان جيڪو ٿيو، معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيان،ڳالهين جا رستا کولڻ گهرجن، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڳالهين لاءِ تيار آهيون.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هو پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي سان ڳالهائيندو ۽ ڳالهين جي شروعات ڪندو،ڳالهين جو فيصلو پي ٽي آءِ جو پنهنجو آهي، پر محمود خان اچڪزئي ۽ اتحاد ۾ شامل ٻيون پارٽيون کين اعتماد ۾ وٺنديون. اتحادي سطح تي به ڳالهيون ٿينديون، پي ٽي آءِ پاڻ به شروعات ڪري سگهي ٿي. بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته ڳالهين کانسواءِ ڪو به آپشن ناهي، اسان ڪڏهن به ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو، برف ڳري رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته حالتون بهتر ٿين، اسان جي ڳالهين جي آڇ کي ڊيل نه سمجهيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سپريم ڪورٽ کي ڳالهين لاءِ ڪو به خط نه لکيو آهي، پي ٽي آءِ به سپريم ڪورٽ جي ڳالهين جي آپشن جو جواب ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو