اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جلد چين جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جو دورو ڪندو، سي پيڪ 2 تي ڪم به تيزيءَ سان ٿيندو.ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته چين جو دورو اوهان سڀني جي ڪوششن سبب ڪامياب ٿيو، چين جي دوري کان اڳ هن ڪيتريون ملاقاتون ڪيون.هن چيو ته چين جي دوري دوران سڪيورٽي جا معاملا ايجنڊا ۾ سرفهرست هئا، چين جي دوري دوران حڪومتي وفد آڏو سيڪيورٽي جو معاملو هر سطح تي اٿاريو ويو.شهباز شريف جو چوڻ آهي ته چيني حڪومت جي سطح تي سڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي.پر دورو هڪ مثبت نوٽ تي ختم ٿيو.










