شيخ ڀرڪيو(مظفر علي بروهي) سنڌ جي صوفي بزرگ حضرت شيخ ڀرڪيو آچاري سمنڊ سائين جو سالياني 557 عرس مبارڪ جون تقريبون شروع، عرس جو افتتاح گادي نشين ميان اعجاز علي شيخ سهروردي مزار تي چادر چاڙهي ڪي جڏهن ته سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمندن مردن ۽ پانڌيئڙن جي اچڻ جوسلسلو شروع ٿي ويو آهي. عرس جي موقعي تي پانڌيئڙن لاءِ کاڌي پيتي جا اسٽال ۽ مٺائين جا دوڪان پڻ لڳايا ويا آهن. شيخ ڀرڪيو پوليس پاران سيڪيورٽي جاسخت انتظام ڪندي مک گيٽ تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا آهن. ان سلسلي ۾ رابطوڪرڻ تي ايس ايڇ او شيخ ڀرڪيو منظور جوچوڻ آهي ته عرس جي موقعي تي شهر ۾ داخل ٿيڻ وارن رستن تي خاص پڪٽون قائم ڪيون ويون آهن ۽ ليڊيز پوليس سميت وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي آهي هن چيو ته زيارتن جي حفاظت ۽ عرس جي موقعي تي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاء پوليس کي الرٽ ڪيوويو آهي.










