اسلام آباد (بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لطيف کوسا چيو آهي ته رياست سڪيورٽي جي بهاني پي ٽي آءِ جي باني کي پيش ٿيڻ کان روڪي رهي آهي.اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته اها پاڪستان جي رياست جي ناڪامي آهي ته اها کين سڪيورٽي نٿي ڏئي سگهي.لطيف کوسا چيو ته ججن انهن ترميمن کي رد ڪيو، هي نيب ترميمون نواز شريف ۽ سندس پٽن کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪيون ويون آهن.هن چيو ته توهان سيفر ۾ غدار جو ليک لکي ڇڏيو، هاڻي توهان سندس ٽوئيٽر اڪائونٽ کي نشانو بڻائي رهيا آهيو، پنجاب حڪومت بنا ڪنهن سبب جي پي ٽي آءِ خلاف پمفليٽ ٺاهي رهي آهي.لطيف کوسا چيو ته 1971ع ۾ اسان هڪ پارٽي جو مينڊيٽ کسيو. جن ملڪ کي تباهه ڪيو انهن کي ڦاهي ڏيو، توهان سوچيو ته اسان بغاوت ڪري رهيا آهيون، اسان توهان کي صرف تاريخ ياد ڏياري رهيا آهيون، اسان پاڪستان کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا، عمران پيڪٽ آئين آهي، آئين تي عمل ڪيو.










